اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش چئلي??ج کي عالمي فورم تي اجاگر ڪري ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خطري کي ??ڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ??شمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي اجلاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي وزيراعظمن، جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کانسواءِ عالمي تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن ۽ فلاحي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عالمي اڳواڻن کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽي??ڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي جي سالياني اجلاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
لکی کاؤ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
گیلی کارڈ گیم آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Game Chicken Official Entertainment Platform
-
Fears grow for Aasia Bibi after Qadris hanging
-
LEAD Pakistan nominates Dr Ishrat as BOG chairman
-
یورپی بلیک جیک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
ورجینیا الیکٹرانکس آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی مکمل تفصیل
-
Jiaduobao الیکٹرانکس آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: آپ کا بہترین تفریحی پارٹنر
-
زیما آن لائن ایماندار بیٹنگ لنکس کی اہمیت اور فوائد
-
زیما آن لائن ایماندار بیٹنگ لنکس کی اہمیت اور فوائد
-
منی ٹری انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ لنک کا تعارف اور اہمیت
-
PG سافٹ ویئر ایپ گیم پلیٹ فارم: گیمنگ کا نیا تجربہ